سنڌي ناول ۾ مالهيءَ جي يگاني دين

سنڌي ناول ۾ مالهيءَ جي يگاني دين

سنڌي ناول ۾ مالهيءَ جي يگاني دين

سنڌي ناول ۾ مالهيءَ جي يگاني دين (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ هندستان جي ناليواري ناول نگار، ڪهاڻيڪار، دانشور ۽ اديب گوبند مالهيءَ جي ناول نگاريءَ جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. ناليواري قلمڪار هولارام هنس، گوبند مالهيءَ جي 25 ناولن ’انقلابي سپاهي‘، ’آنسو‘، ’زندگيءَ جي راهه تي‘، ’جيون ساٿي‘، ’پکيئڙا وار کان وڇڙيا‘، ’من جو ميت‘، ’للڪار‘، ’لوڪ آهي ٻوڪ‘، ’شرم ٻوٽي‘، ’چنچل نگاهون‘، ’عشق ناهي راند‘، ’ڏيهي پرڏيهي ٿيا‘، ’ديسي سيڻ ڪجن‘، ’جن سوري ڀائين سيج‘، ’پيار جي شڪست‘، ’هڪ انسان سو طوفان‘، ’پريتم ويو پرديس‘، ’سمگلر‘، ’سنڌوءَ جي ڪناري‘، ’سونهن هو سوداگر‘، ’تون، مان ۽ هوءَ‘، ’پيار جي پياس‘، ’محبت جي راهه تي‘، ’سوريءِ جي راڻي‘ ۽ ’ڀاڀي‘جو جائزو ورتو ويو آهي، هن سندس ناولن کي ستن حصن ۾ ورهايو آهي: (1) سنڌي لوڪ ڪهاڻين تي ٻڌل ناول، (2) تخيلاتي (ڪالنيڪ) ناول، (3) تاريخي ناول، (4) جاسوسي ناول، (5) سماجي ناول، (6) خطن وارا ناول ۽ (7) آتم ڪهاڻيءَ جي طرز جا ناول. هن ڪتاب ۾، هولا رام هنس، ناول نگار جي واقفيت ڏيڻ کانپوءِ هيٺين عنوانن تي لکيو آهي: مالهيءَ جي ناولن جون ڪهاڻيون، ناولن جا ڪردار، ناولن جا وشيه (موضوع)، مالهيءَ جي ناولن تي سندس نجي جيون جو اثر، ناولن ۾ سنڌيت جو جذبو، ناولن ۾ سماج سڌار رخ، ناولن تي ماڪسزم جو اثر، ناولن ۾ رومانوي جذبو، ناولن ۾ ڪائنات جو چٽ، ناولن ۾ ديش ڀڳتيءَ جو جذبو، ناولن ۾ خيالن جي پختگئي، مالهي ۽ شاهه لطيف، مالهيءَ جي عبارت وغيره شامل آهي.
هي ڪتاب ڪرائون سائيز جي 122 صفحن تي مشتمل، بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئيءَ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 25 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو